ڏينڀن کي هوائي جهاز بنائڻ

ڏينڀن کي هوائي جهاز بنائڻ (راند): هيءَ راند ننڍڙا ٻار ڪندا آهن ۽ سرءُ جي موسم ۾ رچائيندا آهن. جڏهن ڏينڀن جا ڏنگ پچي پوندا آهن ۽ ڌڪ هڻڻ جي قابل نه رهندا آهن. هن موسم ۾ جڏهن سيءُ پوندو آهي. تڏهن ڏينڀو پنهنجا مانارا ڇڏي جاين ۾ لڪڻ لاءِ ايندا آهن. ۽ ڀونڀٽ پيو پوندو اٿن. ٻار وجهه وٺي، مائٽن کان لڪي منجھند مهل انهن جاين ۾ ويندا آهن، جتي ڏينڀو هوندا آهن. ٻارن وٽ ڌاڳا به هوندا آهن، جيڪو ڏينڀو وچڙي اچي پٽ تي ڪريو. ان کي وڃي هٿ ڪندا ۽ ڌاڳي جي سرڪڻ ٺاهي ڏينڀوءَ جي چيلهه ۾ کڻي وجھندا، اهڙيءَ طرح هر هڪ ٻار ڪيترائي ڏينڀو هٿ ڪري، انهن کي پنهنجا هوائي جهاز سڏيندا آهن. پوءِ ٻار انهن کي ڊگھا ڌاڳا ٻڌي اڏائيندا آهن ۽ خوشيون ڪندا آهن. هن موسم ۾ ڏينڀو ڏنگ ناهي هڻندو. اگر هڻي وجھندو ته ڏنگ وارو هنڌ دڙا ٿي پوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو